ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي نگران اطلاعات واري وزير جان اچڪزئي چيو آهي ته سادا ماڻهو را ايجنٽن جي ڏٽي ۾ اچي ويا آهن.
ڪوئيٽا ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي جان اچڪزئي جو چوڻ هو ته ڪجهه عنصر باهه ڀڙڪائي را جي ايجنڊا تي هلي رهيا، آهن ڪجهه سادا ماڻهو انهن جي ڏٽي ۾ اچيا آهن، دشمن پاڪستان کي نقصان رسائڻ جي ڪوشش ڪري پيو، اسان کي ملڪ ۽ جمهوري ادارن جي حفاظت ڪرڻي آهي، ڪامياب اليڪشن سان دشمن جي ايجنڊا ناڪام ٿي وئي آهي. پاڪستان ۾ ڏڦيڙ پکيڙڻ دشمن جي ايجنڊا آهي.
Next Post
You might also like