لاهور (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف ترجمان چيو آهي ته ڌانڌلي ڪري پي ڊي ايم کي ٻيهر مڙهيو پيو وڃي.
پنهنجي بيان ۾ تحريڪ انصاف ترجمان چيو ته چئني صوبن مان مينڊيٽ حاصل ڪندڙ پي ٽي آءِ حڪومت سازي جو حق رکي ٿي، معاشي تباهي جو ذميوار پي ڊي ايم نالي نااهل، عوام طرفان رد ٿيل ماڻهن جو ٽولو آهي.
هن چيو ته عوام ووٽ ذريعي نااهلن جي ٽولي کي رد ڪري ڇڏيو، پي ڊي ايم 16 مهينن ۾ عوام کي معاشي تباهي ۽ بدترين مهانگائي ڏانهن ڌڪيو.
سندس چوڻ هو ته آئين پامال ڪرڻ تي چيف اليڪشن ڪمشنر، اليڪشن ڪميشن ميمبر استعيفيٰ ڏين، عوامي مينڊيٽ جي ابتڙ ڪنهن کي مڙهڻ جي ڪنهن منصوبي کي قبول نه ڪنداسين.
You might also like