ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي فيروز آباد واري علائقي ۾ موبائل فون کڻي ويندڙ وين ڦر ڪئي وئي.
پوليس موجب صدر موبائيل مارڪيٽ وٽان موبائيل فون کڻي وين کي ڦر ڪيو ويو، جوابدارن فيروز آباد واري علائقي ۾ وين کي روڪي ان ۾ سوار ٿي ويا، 45 منٽن کانپوءِ جوابدار ڊرائيور کي ڇڏي وين سميت فرار ٿي ويا.
پوليس موجب ڊرائيور جي اطلاع تي وين کي ٽريڪر ذريعي ٽريڪ ڪيو ويو، جيڪا ٽيپو سلطان واري علائقي مان خالي ملي.
پوليس جو چوڻ آهي ته وين ڊرائيور جو بيان فيروز آباد ٿاڻي ۾ رڪارڊ ڪيو ويندو.
ڪراچي اليڪٽرونڪس ڊيلرز ايسوسي ايشن (ڪيڊا) جي صدر محمد رضوان عرفان جو چوڻ آهي ته هي 14 هون واقعو آهي، ان جي مذمت ڪريون ٿا، آءِ جي سنڌ کان مطالبو ڪيو ته واپارين کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.