پ پ سينٽرل ايگزيڪٽو ڪميٽي اجلاس سڏائي ورتو

اسلام آباد: (ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي ترجمان موجب پ پ سينٽرل ڪميٽي جو اجلاس سڀاڻي اسلام آباد ۾ طلب ڪيو ويو آهي.
ترجمان موجب سينٽرل ايگزيڪٽو ڪميٽي جي آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري جي صدارت ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ حڪومت سازي بابت اهم فيصلا ڪيا ويندا.
ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ ن ليگ، ايم ڪيو ايم سوڌو ٻين جماعتن سان رابطن جو جائزو ورتو ويندو.
ترجمان موجب اجلاس زرداري هائوس اسلام آباد ۾ ٿيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.