سياري ۾ دل جو دورو پوڻ جا سبب!

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ٿڌ جي موسم ۾ انسانن ۾ دل جي دوري جا امڪان وڌي ويندا آهن، جنهن بابت ڪجهه سبب سامهون آيا آهن.

پرڏيهي ميڊيا موجب ماهرن تصديق ڪئي آهي ته سياري ۾ ماڻهو دل جي بيمارين جو وڌيڪ شڪار ٿيندا آهن.

رپورٽ موجب سياري جو سڌو سنئون اثر جسم جي ڪم ڪرڻ جي صلاحيت تي پوندو آهي ڇو ته رت جون ناليون سوڙهيون ٿي وينديون آهن ۽ ان سان جسم ۾ رت جي وهڪري جو عمل متاثر ٿيندو آهي.

ماهرن موجب سياري ۾ گرمي پد گهٽ هجڻ سبب ماڻهن جون جسماني سرگرميون به گهٽجي وينديون آهن.

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته هاءِ بلڊ پريشر سياري ۾ دل جي دوري جو خطرو وڌائيندو آهي ڇو ته سياري ۾ هاءِ بلڊ پريشر دل جي صحت لاءِ خطرو بڻجي سگهي ٿو.

ماهرن موجب هن موسم ۾ جسم کي مناسب گرمي پد برقرار رکڻ لاءِ وڌيڪ محنت ڪرڻي پوندي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ ٿڪاوٽ پيدا ٿي ويندي آهي ۽ ان عمل دوران جسم ٻين نظامن جهڙوڪ ڪارڊيو ويسڪولر سسٽم مان توانائي ۽ وسيلا وٺندو آهي، جنهن سان دل جي دوري جو خطرو هوندو آهي.

ٿڌي موسم ۾ فالج سان به دل جو دورو پئجي ويندو آهي.

تحقيق موجب سياري ۾ انفيڪشن، انفلوئنزا ۽ نمونيا سبب دل جي بيمارين جو خطرو به وڌي ويندو آهي. ٿڌي موسم ۾ لائيف اسٽائل ۾ تبديليون پڻ دل جي صحت کي متاثر ڪري سگهن ٿيون. ماڻهو اڪثر سياري ۾ ڪم ۽ ٻيون جسماني سرگرميون گهٽ ڪندا آهن، جنهن ڪري وزن وڌڻ جو خطرو وڌي ويندو آهي ۽ دل جي صحت لاءِ به سٺو نه سمجهيو ويندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.