هاڻي آءِ فون هڪ جهڙا نظر نه ايندا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ‘ايپل’ هاڻي ڪجهه نئون ڪرڻ جي پوزيشن ۾ آهي. سمارٽ فونز جي دنيا ۾ پنهنجو راڄ قائم ڪرڻ لاءِ ڪمپني هڪ فولڊنگ سمارٽ فون آڻڻ جي تياري ڪري رهي آهي.

ايپل ٻن نون فولڊنگ سمارٽ فونز کي حتمي ڊيزائن جي منظوري ڏيڻ کانپوءِ تيار ڪرڻ جو عمل شروع ڪري ڇڏيو آهي، هاڻي انهن سمارٽ فونز جي فيچرز جو مرحلو مڪمل ڪيو پيو وڃي.

ڪمپني مارڪيٽ ۾ ڪجهه نئون متعارف ڪرائڻ چاهي ٿي. هي نئون فولڊنگ سمارٽ فون اهڙن فونن جي مارڪيٽ ۾ انقلاب آڻي سگهي ٿو.

ڪمپني هڪ بيان ۾ چيو آهي ته آئي فون 16 حيران ڪندو، گهٽ ۾ گهٽ ٻه اهڙا ماڊل ٺاهيا پيا وڃن. اهي ٻئي ماڊل فلپ فونز جي انداز ۾ ترقي ڪري رهيا آهن.

ڪمپني جي ذريعن جو چوڻ آهي ته اهي ٻئي ماڊل 2026 کان اڳ مارڪيٽ ۾ نه ايندا.

ايپل جو پهريون آئي فون 2007 ۾ لانچ ڪيو ويو. ان کان پوءِ جاري ڪيل سڀئي آئي فونز سڀ هڪجهڙا نظر اچن ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.