پاڪستاني ڪرڪيٽرن جون سوشل ميڊيا تي سرگرميون، پي سي بي حرڪت ۾ اچي ويو

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ( پي سي بي ) قومي ٽيم جي رانديگرن جي سوشل ميڊيا تي سوالن جوابن واري سيشن ۾ حصو وٺڻ وارو معاملي جو نوٽيس وٺي ڇڏيو آهي.
پي سي بي طرفان پاڪستان ٽيم جو سينٽرل ڪانٽريڪٽ رکندڙ جي سوشل ميڊيا تي سوالن، جوابن واري سيشن ۾ حصو وٺڻ واري معاملي تي پاليسي واضح ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
پي سي بي فيصلو ڪيو آهي ته سينٽرل ڪانٽريڪٽ رکندڙ رانديگرن جي سوشل ميڊيا سرگرمين کي ڪانٽريڪٽ جي روشني ۾ ڏٺو ويندو.
پي سي بي کي خدشو آهي ته رانديگر ڪنهن تڪرار نه ڦاسي پون، پي سي بي ان حوالي سان رانديگرن ۽ سندن ايجنٽن سان رابطو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
پي سي بي طرفان انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڊپارٽمينٽ ان ڏس ۾ جائزو وٺڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
ياد رهي ته بابر اعظم ۽ شاهين آفريدي سوشل ميڊيا تي سوالن جواب واري سيشن ۾ حصو ورتو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.