پي سي بي چيئرمين پاڪستان سپر ليگ جي خرچن جا تفصيل طلب ڪري ورتا

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پي سي بي چيئرمين محسن نقوي جي صدارت هيٺ پاڪستان سپر ليگ ( پي ايس ايل ) جي نائين ايڊيشن جي تيارين بابت اهم اجلاس ۾ سيڪيورٽي ۽ مارڪيٽنگ سميت ٻين اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
پاڪستان سپر ليگ جي نائين ايڊيشن جي سيڪيورٽي انتظامن بابت قذافي اسٽيڊيم ۾ اهم اجلاس سڏايو ويو.
اجلاس ۾ سي ايِ او سلمان نصير، ڊائريڪٽر انٽرنيشنل ڪرڪيٽ عثمان واهلا ۽ پي ايس ايل انتظاميا سميت مارڪيٽنگ ڊپارٽمينٽ جي عملدارن، آءِ جي پنجاب سميت قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اعليٰ اختيارين شرڪت ڪئي.
پي ايس ايل اختيارين پي سي بي چيئرمين کي پاڪستان سپر ليگ جي نائين ايڊيشن جي خرچن بابت بريف ڪيو، جنهن کانپوءِ پي سي بي چيئرمين پي ايس ايل جي خرچن جا تفصيل طلب ڪري ورتا.
پي ايس ايل اختيارين طرفان ميگا ايونٽ جي افتتاحي تقريب ۽ ٽرافي جي مهورت بابت پي سي بي چيئرمين کي بريفنگ ڏني وئي.
اجلاس دوران پي سي بي چيئرمين طرفان پاڪستان سپر ليگ لاءِ سيڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي.
ان کانسواءِ پي سي بي چيئرمين محسن نقوي پاڪستان سپر ليگ جي ڀرپور اشتهاري مهم هلائڻ جو حڪم به جاري ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.