نواز شريف ڪامياب پارٽين ۽ آزاد اميدوارن کي گڏيل حڪومت ٺاهڻ جي دعوت ڏئي ڇڏي

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان مسلم ليگ نون جي قائد ۽ اڳوڻي وزيرِ اعظم نواز شريف عام چونڊن جي نتيجن ۾ سڀ کان وڏي جماعت هجڻ جي دعويٰ ڪندي ٻين سياسي پارٽين ۽ آزاد اميدوارن گڏيل حڪومت ٺاهڻ جي دعوت ڏئي ڇڏي.
نواز شريف لاهور ۾ ڪارڪنن کي خطاب ڪندي چيو ته عام چونڊن ۾ نون ليگ ملڪ جي سڀ کان وڏي پارٽي طور اُڀري آهي، ملڪ کي ڌٻڻ مان ڪڍڻ اسان تي فرض آهي.
هن چيو ته هو سڀني پارٽين جي مينڊيٽ جو احترام ڪن ٿا ۽ چاهن ٿا ته چونڊن ۾ ڪاميابي ماڻيندڙ پارٽي هجي يا آزاد اميدوار انهن کي دعوت ڏيون ٿا ته زخمي پاڪستان کي مشڪل مان ڪڍڻ لاءِ اچو اسان سان گڏ ويهو، اسان جي ايجنڊا صرف ۽ صرف خوشحال پاڪستان آهي.
سندس چوڻ هو ته اوهان سڀ ڄاڻو ٿا ته هن ملڪ سان ڪنهن ڇا ڇا ڪيو آهي؟ اسان ڪهڙي ريت ملڪ کي معاشي ڏکيائين مان ڪڍيو ۽ معيشت ٺيڪ ڪئي، اسان کي مينڊيٽ مليو آهي انڪري سڀني پارٽين سان گڏجي ملڪ ڌٻڻ مان ڪڍڻ چاهيون ٿا، پاڪستان سڀني جو آهي.
نواز شريف پنهنجي تقرير ۾ چيو ته سياستدان، پارليامينٽ، پاڪ فوج، ميڊيا سڀئي گڏجي هاڪاري ڪردار ادا ڪن، ملڪ ۾ استحڪام لاءِ گهٽ ۾ گھٽ ڏهه سال گهرجن، پاڪستان هن وقت ڪو نئون بحران برداشت ڪرڻ جي پوزيشن ۾ ناهي، سڀني کي گڏجي ويهڻو پوندو ۽ معاملا طئي ڪرڻا پوندا.
نون ليگ قائد سادي اڪثريت نه هئڻ تي اتحادي حڪومت ٺاهڻ جو اعلان ڪيو ۽ چيو ته اسان ڪنهن سان ڀيٽ نه ٿا ڪرڻ چاهيون، خوشي جوڳي هجي ها جيڪڏهن اسان کي پورو مينڊيٽ ملي ها، جيڪي پارٽيون چونڊن ۾ ڪامياب ٿيون آهن انهن کي حڪومت ۾ شامل ڪرڻ جي دعوت ڏينداسين.
سندس چوڻ هوته شهباز شريف کي آصف زرداري، مولانا فضل الرحمان ۽ خالد مقبول صديقيءَ سان ملاقات جو ٽاسڪ ڏنو آهي، کيس مينڊيٽ ڏنو آهي ته اڄ ئي سياسي اڳواڻن سان ملاقاتون ڪري.
هن وڌيڪ چيو ته روشيون وري موٽي اينديون، بدامني، بيروزگاري جو خاتمو ٿيندو، نون ليگ جا ڪامياب اميدوار هاڻ سياست عبادت سمجهي ڪن ۽ عوام جا مسئلا حل ڪن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.