اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ عام چونڊن لاءِ پولنگ کانپوءِ نتيجا اچڻ جو سلسلو جاري آهي ۽ قومي اسيمبلي جي هيل تائين غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجي موجب پي ٽي آءِ جي حمايت يافته آزاد اميدوارن 73، ن ليگ 48 ۽ پ پ 35 سيٽون کٽيون آهن.
اين اي 44 ڊيرا اسماعيل خان جي سڀني پولنگ اسٽيشنز جي غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجي موجب آزاد اميدوار علي امين گنڊاپور ڪامياب ٿي ويو، اين اي 3 سوات جي سڀني پولنگ اسٽيشنز جي غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجي موجب پي ٽي آءِ جو حمايت يافته آزاد اميدوار سليم رحمان ڪامياب ٿيو.
اين اي 13 بٽگرام جي سڀني پولنگ اسٽيشنز جي غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجي موجب پي ٽي آءِ جو حمايت يافته آزاد اميدوار محمد نواز خان ڪامياب ٿيو، اين اي 17 ايبٽ آباد 2 جي سڀني پولنگ اسٽيشنز جي غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجي موجب آزاد اميدوار علي خان جدون ڪامياب ٿيو، اين اي 30 پشاور جي سڀني پولنگ اسٽيشنز جي غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجي موجب تحريڪ انصاف جي حمايت يافته آزاد اميدوار شاندانه گلزار ڪامياب ٿي.
اين اي 121 لاهور جي غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجي موجب پي ٽي آءِ حمايت يافته آزاد اميدوار وسيم قادر ڪامياب ٿيو.
ن ليگ قائد نواز شريف اين اي 130 لاهور 14 ۾ ڪامياب ٿيو، جڏهن ته مريم نواز اين اي 119 لاهور 3 ۾ ڪاميابي ماڻي، اين اي 155 لوڌران ۾ استحڪام پاڪستان پارٽي جي سربراهه جهانگير ترين کي شڪست ٿي، کيس ن ليگ جي صديق بلوچ شڪست ڏني.
اين اي 55 راولپنڊي ۾ ن ليگ جو ملڪ ابرار احمد ڪامياب ٿيو، اين اي 58 چڪوال ۾ ن ليگ جي ميجر (ر) طاهر اقبال ڪاميابي ماڻي، جڏهن ته ن ليگ صدر شهباز شريف اين اي 123 لاهور مان قومي اسيمبلي جي سيٽ کٽي ويو.
اين اي 167 بهاولپور 4 ۾ ن ليگ جو محمد عثمان اويسي ۽ اين اي 135 اوڪاڙا 1 ۾ ن ليگ جو نديم عباس ڪامياب ٿيو.
اين اي 196 قمبر – شهدادڪوٽ جي سڀني پولنگ اسٽيشنز جي غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجي موجب پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪامياب ٿيو، جڏهن ته اين اي 202 خيرپور 1 مان پ پ جي نفيسه شاهه کٽي وئي.
اين اي 217 ٽنڊي الهيار مان پ پ جو ذوالفقار بچاڻي ۽ اين اي 199 گهوٽڪي مان پ پ جو علي گوهر مهر ڪامياب ٿيو.