ڊبليو ڊبليو اي ريسلر انڊر ٽيڪر جي رونالڊو سان گڏ فٽبال جي دنيا ۾ انٽري!

رياض ( ويب ڊيسڪ ) اسٽار فٽبالر ڪرسٽيانو رونالڊو جي النصر ۽ الهلال وچ ۾ ”رياض سيزن ڪپ“ فائنل ميچ دوران ڊبليو ڊبليو ايِ ريسلر انڊر ٽيڪر جي خاص انٽري مداحن کي دنگ ڪري ڇڏيو.
سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيندڙ وڊيو ۾ ڊبليو ڊبليو ايِ ريسلر انڊر ٽيڪر پنهنجي مخصوص ٽريڊ مارڪ انداز ۾ ٽرافي کڻي اچي ٿو ۽ ان جي مهورت ڪري ٿو.
وائرل ويڊيو النصر جو ڪپتان رونالڊو ٽيم جي ساٿي رانديگرن سان گڏ انڊر ٽيڪر سان خوشگروار موڊ ۾ نظر اچي رهيو آهي.
انجري کانپوءِ فٽبال جي ميدان ۾ واپسي ڪندڙ رونالڊو جي ٽيم کي مخالف الهلال هٿان 0-2 تان شڪست جو منهن ڏسڻو پيو.
گذريل سال ڪرسٽيانو رونالڊو لاءِ يادگار رهيو، جنهن دوران هن سڀ کان وڌيڪ گول ڪندڙ رانديگر جو اعزاز حاصل ڪيو هو.
ليجنڊري فٽبالر ڪرسٽيانو رونالڊو النصر جي لاءِ 54 گولز اسڪور ڪري چڪو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.