ڪراچي (ويب ڊيسڪ) نم جا پن صحت لاءِ ڏاڍا فائديمند آهن، نم ۾ اينٽي آڪسيڊنٽ، اينٽي فنگل، اينٽي وائرل خاصيتون هونديون آهن.
نم ڪيترين ئي بيمارين ۾ فائديمند آهي، نم جي پنن جو استعمال وائرس، بيڪٽيريا کان بچائيندو آهي.
هاءِ بلڊ پريسر جي مسئلي ۾ نم کائڻ فائديمند ثابت ٿيندو آهي.
نم هاضمي واري نظام کي مضبوط ڪري آنڊن جي صحت کي بهتر ڪندي آهي.
نم جا پن چٻاڙ سان بلڊ شگر ليول ڪنٽرول ۾ رهندي آهي.
نم جو استعمال کل جي مسئلن ۾ فائديمند آهي.
انفيڪشن، داڻن، زخمن تي پيٺل نم هڻڻ سان فائدو ٿيندو آهي.