عام چونڊون: صوبن ۾ ڪهڙي پارٽي ڪيتريون سيٽون کنيون آهن؟ تفصيل ڏسو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ عام چونڊن جا غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجا اچڻ جو سلسلو آهي، جنهن ۾ پنجاب ۾ ن ليگ ۽ آزاد اميدوار، سنڌ ۾ پ پ، خيبر پختونخواهه ۾ آزاد اميدوار ۽ بلوچستان ۾ جي يو آءِ ۽ پ پ اڳتي آهن.
پنجاب اسيمبلي جي هيل تائين آيل نتيجن موجب ن ليگ ۽ آزاد اميدوارن 115-115 سيٽون حاصل ڪيون آهن، جڏهن ته پ پ 8 سيٽون حاصل ڪري سگهي آهي.
سنڌ اسيمبلي جي هيل تائين جي نتيجن ۾ پ پ 78 سيٽون کڻي اڳتي آهي، جڏهن ته ايم ڪيو ايم 9، آزاد 8 ۽ جي يو آءِ 3 سيٽون کنيون آهن.
خيبر پختونخواهه ۾ آزاد اميدوار 81 سيٽن سان اڳتي آهن، جڏهن ته ن ليگ ۽ جي يو آءِ 5-5، پ پ 3 سيٽون حاصل ڪيون آهن.
بلوچستان ۾ هيل تائين جي نتيجن ۾ پ پ ۽ جي يو آءِ 7-7 سيٽن سان اڳتي آهن، جڏهن ته ن ليگ 5 سيٽن کٽيون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.