29 سال خلا ۾ رهندڙ سيٽلائيٽ جلد زمين تي ڪِرندي

پيرس (ويب ڊيسڪ) 29 سالن تائين خلا ۾ فعال رهندڙ يورپي اسپيس ايجنسي جي سيٽلائيٽ جي هلندڙ مهيني واپس زمين تي ڪِرڻ جو امڪان آهي. 2267 ڪلو وزني اي آر ايس2 نالي اها سيٽلائيٽ 1995ع ۾ فرينچ گيانا کان لانچ ڪئي وئي هئي.
اداري جي ماهرن موجب اها سيٽلائيٽ فيبروري جي وچ ۾ زمين جي مدار ۾ داخل ٿي ويندي. پر اها ڪڏهن ۽ ڪٿي ڪِرندي ان بابت حتمي طور تي ڪجهه نٿو چئي سگھجي.
ايجنسي کي اميد آهي ته ان سيٽلائيٽ جا اوزار سمنڊ ۾ ڪِرندا.
ايجنسي پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته يورپين رموٽ سينسنگ 2 سيٽلائيٽ زمين جي مدار ۾ ٻيهر داخل ٿيندي ۽ فيبروري 2024 جي وچ ۾ سڙڻ شروع ٿي ويندي. پر ان ڳالهه جي اڳڪٿي ڪرڻ ممڪن نه آهي ته اها ڪڏهن کان سڙڻ شروع ٿيندي.
خلائي اداري ٻڌايو ته ايجنسي پنهنجي عالمي ڀائيوارن سان گڏ سيٽلائيٽ جو ويجهو کان مشاهدو ڪري پئي ۽ ان بابت ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي کي لاڳيتو بنيادن تي فراهم ڪندي.
واضح رهي ته ان سيٽلائيٽ کي اپريل 1995 ۾ زمين جي سطحن، سمنڊن ۽ قطبي ڪيپس جو مطالعو ڪرڻ لاءِ لانچ ڪيو ويو هو.
15 سالن کان پوءِ 2011ع ۾ مشن کي مڪمل قرار ڏنو ويو هو پراها سيٽلائيٽ هيل تائين فعال هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.