موسيقي پوڙهڻ ماڻهن لاءِ فائديمند قرار

مشيگن (ويب ڊيسڪ) هڪ نئين پول مان خبر پئي آهي ته پوڙهڻ ماڻهن جي اڪثريت مڃي ٿي ته موسيقي هنن لاءِ تفريحي شيءِ کان وڌيڪ حيثيت رکي ٿي.
يونيورسٽي آف مشيگن پاران صحتمند پوڙهائپ بابت ڪيل پول جي نون نتيجن موجب 50 کان 80 ورهين جي وچ واري عمر جي ماڻهن جو چوڻ هو ته موسيقي هنن کي ذهني دٻاءَ کان ڇوٽڪارو ڏيڻ ۾ مدد ڪري ٿي جڏهن ته 65 سيڪڙو ماڻهن جو چوڻ هو ته موسيقي سندن ذهني صحت يا مزاج جي بهتري ۾ مدد ڪري ٿي.
60 ماڻهن ٻڌايو ته موسيقي ٻڌڻ سان هو پنهنجي اندر توانائي محسوس ڪندا آهن.
41 سيڪڙو ماڻهن جو چوڻ هو ته موسيقي هنن لاءِ گھڻي اهميت رکيٿي جڏهن ته 48 سيڪڙو ماڻهن موسيقي کي پنهنجي زندگي ۾ معمولي اهم قرار ڏنو.
پول جي ٽيم سان گڏ ڪم ڪندڙ پروفيسر جول هوويل جو چوڻ هو ته موسيقي ۾ زندگي بامقصد ۽ پُرلطف بڻائڻ جي طاقت هوندي آهي.
هن چيو موسيقي پنهنجي اندر صحت بابت مسئلن تي محسوس ڪيا ويندڙ اثر به رکي ٿي.
هن ٻڌايو ته محقق اهو ڄاڻين ٿا ته موسيقي بلڊ پريشر ۽ ڊپريشن لاءِ کنيل قدمن تي پوندڙ هاڪاري اثر سان واسطو رکي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.