فضل الرحمان پشين ۾ ميدان ماري ويو

پشين (ويب ڊيسڪ) جمعيت علماءِ اسلام سربراهه مولانا فضل الرحمان پشين مان قومي اسيمبلي جي سيٽ کٽي ورتي.
مولانا فضل الرحمان عام چونڊن ۾ قومي اسيمبلي جي ٻن سيٽن تان حصو ورتو ۽ ڊيرا اسماعيل خان ۾ هن شڪست جو منهن ڏٺو.
پر جي يو آءِ سربراهه قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 265 پشين جي سيٽ کٽي ورتي آهي.
اين اي 265 پشين جي سڀني پولنگ اسٽيشنز جي غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجي موجب مولانا فضل الرحمان 52429 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو، جڏهن ته پشتونخوا نيشنل عوامي پارٽي جي خوشحال خان ڪاڪڙ 31436 ووٽ کنيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.