رضوان جا محمد حفيظ بابت دلچسپ انڪشاف

ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڊائريڪٽر محمد حفيظ بابت وڪيٽ ڪيپر بيٽر محمد رضوان دلچسپ انڪشاف ڪيا آهن.
هڪ انٽرويو دوران وڪيٽ ڪيپر بيٽر محمد رضوان کان سوال ڪيو ويو ته هڪ محمد حفيظ ڪرڪيٽر ۽ ٻيو محمد حفيظ ٽيم ڊائريڪٽر آهي ٻنهي ۾ ڪهڙو فرق آهي؟ .
جنهن جي جواب ۾ محمد رضوان چيو ته مان محمد حفيظ کي ڊپارٽمينٽ ڪرڪيٽ واري زماني کان ڄاڻان ٿو ۽ هن مون بابت اڳڪٿي ڪئي هئي ته تمام جلد پاڪستان لاءِ کيڏندس.
هن انڪشاف ڪندي چيو ته ان وقت پاڪستاني ٽيم ۾ وڪيٽ ڪيپر طور عدنان اڪمل موجود هو پر محمد حفيظ چيو ته جيڪڏهن وڪيٽ ڪيپر طور نه کيڏيس ته بيٽر طور پاڪستان جي نمائندگي ڪندس.
محمد رضوان وڌيڪ چيو ته محمد حفيظ وٽان پروفيشنل ۽ ذاتي زندگي بابت گهڻو ڪجهه سکيو آهي، هو ڏکئي وقت ۾ رهنمائي ڪندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.