انگلينڊ جي مسلمان رانديگرن سان ڪپتان جو رويو ڪيئن آهي؟

ابوظهبي ( ويب ڊيسڪ ) انگلش ڪرڪيٽ ريحان احمد چيو آهي ته ٽيم سان گڏ رهندي هن کي نماز جي ادائيگي ۾ ڪا به ڏکيائي پيش ناهي ايندي.
هڪ انٽرويوءَ دوران ريحان احمد چيو ته ابوظهبي ۾ ٽريننگ دوران شعيب بشير سان گڏ جمعي نماز ادا ڪرڻ جي خواهش ظاهر ڪئي ته ڪنهن ڪو به اعتراض نه ڪيو.
سندس چوڻ هو ته انگلش ڪپتان بين اسٽوڪس کيس پيغام ڏنو ته جڏهن به ائين ڪرڻ چاهيون بنا ڪنهن هٻڪ جي ساڻس رابطو ڪريون.
هن ٻڌايو ته بين اسٽوڪس اعتراف ڪيو ته هو اسان جي زندگي ۾ مذهب جي اهميت کي سمجهي ٿو ۽ مان جڏهن به نماز پڙهندو آهيان هو انتهائي احترام جي نظر اسان ڏسندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.