قادر مندوخيل جي پولنگ اسٽيشن ۾ ڀڃ ڊاهه، اليڪشن ڪميشن نوٽيس ورتو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي تڪ اين اي 242 ۾ پ پ اميدوار قادر خان مندوخيل جي پولنگ اسٽيشن ۾ زبردستي داخل ٿي ڀڃ ڊاهه جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي.
رپورٽ موجب اين اي 242 جي پولنگ اسٽيشن ايم ايڇ بلديا گرلز ڪاليج ۾ پ پ اميدوار قادر خان مندوخيل ڀڃ ڊاهه ڪئي.
سوشل ميڊيا تي وائرل وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته قادر مندوخيل ڪجهه ماڻهن سان گڏجي زبردستي پولنگ اسٽيشن ۾ داخل ٿيو، پ پ اميدوار پولنگ باڪس کي لت هڻي ڪيرايو.
وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ڀڃ ڊاهه کانپوءِ پولنگ اسٽيشن ۾ ووٽ زمين تي وکريا پيا آهن.
هوڏانهن اليڪشن ڪميشن پولنگ اسٽيشن تي حملي جو نوٽيس ورتو آهي.
اليڪشن ڪميشن موجب پ پ اميدوار پولنگ اسٽيشن تي حملو ڪيو هو، لاڳاپيل رٽرننگ آفيسر فوري طور ڪارروائي ڪري.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.