ڪراچي: (ويب ڊيسڪ) بلوچستان مان معمول کان وڌيڪ ٿڌين هوائن شهر کي متاثر ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ جمعي تي گرمي پد 15 ڊگري سينٽي گريڊ تائين رهڻ جو امڪان آهي.
اڄ خميس ڏينهن به موسم ٿڌو رهيو، گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 17 ڊگري سينٽي گريڊ جڏهن ته وڌ ۾ وڌ گرمي پد 26.5 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.
صبح جي وقت بلوچستان جي اتر اوڀر طرف کان هوائن جي رفتار 18 ڪلوميٽر في ڪلاڪ رڪارڊ ڪئي وئي.
ارلي وارننگ سينٽر موجب جمعي تي گهٽ ۾ گهٽ پارو 15 ڊگري سينٽي گريڊ رهندو، جڏهن ته ڇنڇر تي گرمي پد 14 ڊگري سينٽي گريڊ تائين وڃي سگهي ٿو.
ايندڙ 3 ڏينهن دوران موسم خشڪ ۽ رات جي وقت سرد رهڻ جو امڪان آهي.