ڪراچي ۾ لغڙ ۽ تارازي جو رجحان نظر نه پيو اچي: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ميئر ڪراچي ۽ پيپلز پارٽي جي اڳواڻ مرتضيٰ وهاب به ڪراچي ۾ پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪيو.
مرتضيٰ وهاب ڪراچي جي علائقي گذري جي پولنگ اسٽيشن تي پنهنجي راءِ جي حق جو استعمال ڪيو.
مرتضيٰ وهاب ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ماڻهو موڪل جي ڏينهن به اٿي ڪري اچي رهيا آهن، نيٽ ورڪ بند هجڻ سبب رابطا ناهن ٿي رهيا.
هن چيو ته برساتن کان فوري بعد بلاول ڀٽو زرداري ڪراچي جو دورو ڪيو، سڄي پاڪستان ۾ چونڊ مهم هلائي، وزيراعظم جي دعويٰ ڪندڙ سنڌ ۽ بلوچستان ۾ جلسا نه ڪيا، پيپلز پارٽي هر صوبي ۾ جلسا ڪيا.
ميئر ڪراچي چيو ته 2018ع جي چونڊن جهڙو ٽرن آئوٽ نظر نه آيو، ڪراچي ۾ لغڙ ۽ تارازي جو رجحان نظر نه پيو اچي.
پ پ اڳوان جو چوڻ هو ته بلاول ڀتو پاڪستان جا مسئلا حل ڪري سگھي ٿو، پ پ ڪاميابي کان پوءِ واعدا پورا ڪندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.