موبائل فون سروس جي بندش خلاف پ پ اليڪشن ڪميشن ۾ پٽيشن جمع ڪرائي ڇڏي

لاهور (ويب ڊيسڪ) پ پ جي نائب صدر شيري رحمان موبائل فون سروس جي بندش خلاف اليڪشن ڪميشن لاهور ۾ پٽيشن جمع ڪرائي ڇڏي.
شيري رحمان اليڪشن ڪميشن پنجاب جي مرڪزي آفيس پهچي پٽيشن داخل ڪرائي ۽ چيو ته چونڊن دوران موبائل نيٽ ورڪ جي بندش ڳڻتيءَ جوڳي آهي.
هن چيو ته چونڊ واري ڏينهن رابطو لازمي هوندو آهي، پارٽي ۽ اميدوار کي پولنگ ايجنٽن سان رابطو رکڻو پوندو آهي، پولنگ ايجنٽ پنهنجي شڪايت اسان تائين ڪيئن پهچائين؟
سندس چوڻ هو ته پ پ جا وڪيل ان معاملي تي عدالت ۾ به پٽيشن جمع ڪرائيندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.