ٽوئيٽر جهڙو نئون پليٽ فارم بلو اسڪاءِ متعارف

ٽوئيٽر جي اڳوڻي مالڪ جيڪ ڊورسي انٽرنيٽ ٽيڪنالاجي جي ماهر جي گريبر سان گڏ ٽوئيٽر جهڙو ئي پنهنجو پليٽ فارم بلو اسڪاءِ متعارف ڪرائي ڇڏيو.
بلو اسڪاءِ کي آزمائش لاءِ اپريل 2023ع ۾ متعارف ڪرايو ويو هو پر هاڻي ان کي باضابطا طور تي سڀني واهپيدارن لاءِ پيش ڪيو ويو آهي.
بلو اسڪاءِ کي متعارف ڪرائڻ جو اعلان پليٽ فارم جي ٽوئيٽر تي ٺهيل اڪائونٽ تي ڪيو ويو.
بلو اسڪاءِ تي اڪائونٽ ٺاهڻ جو مرحلي سولو رکيو ويو آهي، اڪائونٽ ٺاهڻ وقت فون نمبر به ورتو وڃي ٿو، جتي تصديق لاءِ ڪوڊ موڪليو وڃي ٿو، جنهن کي شامل ڪرڻ کان پوءِ ئي اڪائوٽ ٺهي ٿو.
بلو اسڪاءِ جو هوم ۽ فيڊ بيڪ بلڪل ٽوئيٽر جهڙو ئي رکيو ويو آهي ۽ اتي هيش ٽيگز به استعمال ڪري سگھجن ٿا، پر فوري طور تي هيش ٽيگز ذريعي ٽرينڊز يا مواد نٿو ڳولي سگھجي.
بلو اسڪاءِ تي به نئين پوسٽ ڪرڻ لاءِ 300 لفظن جي حد رکي وئي آهي جڏهن ته اتي به پوسٽس کي ري ٽوئيٽ جيان شيئر ڪري سگھجي ٿو.
بلو اسڪاءِ تي تقريبن ٽوئيٽر سان ملندڙ جُلندڙ سمورا فيچرز ڏنا ويا آهن، جن ۾ ماڊريشن، لسٽس، فالوونگ ۽ فالوورز سوڌو فاريو جا ٽيبز به شامل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.