دار چيني وڏي بيماري کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ مددگار ثابت

هڪ نئين تحقيق مان خبر پئي آهي ته دار چيني کي روز ٿوري مقدار ۾ استعمال ڪرڻ به بلڊ شگر کي ڪنٽرول ۾ رکڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگھي ٿو.
ماضي ۾ ڪيل مختلف تحقيقن ۾ به دار چيني جي روز استعمال کي شگر، هاءِ بلڊ پريشر ۽ ڪولسٽرول گھٽائڻ ۾ مددگار ثابت قرار ڏنو ويو آهي.
هاڻي نئين تحقيق ۾ ماهرن ان جي استعمال جو بلڊ شگر تي اثر ڏسڻ لاءِ محدود رضاڪارن تي تحقيق ڪئي.
ماهرن موجب دار چيني جي استعمال سان پري شگر وارن ماڻهن ۽ ٿولهه جو شڪار ماڻهن کي به فائدو پهچي سگھي ٿو ۽ فوري طور تي انهن ۾ بلڊ شگر جي سطح گھٽجي سگھي ٿي.
ماهرن موجب دار چيني ۾ اينٽي آڪسيڊنٽ، اينٽي انفليميٽري (سوڄ ختم ڪندڙ)، اينٽي شگر، اينٽي مائڪروبيل ۽ ايتري تائين جو ڪيسر جا سيلز بڻجڻ کان روڪيندڙ جُز شامل هوندا آهن جيڪي انساني صحت لاءِ فائديمند هوندا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.