خبردار! هي ايپس جلد پنهنجي فون مان ڊليٽ ڪري ڇڏيو

هڪ سيڪيورٽي ڪمپني اينڊرائيڊ واهپيدارن کي تنبيه ڪئي آهي ته گوگل پلي اسٽور تي موجود پيغام موڪليندڙ ايپس اهڙا ميلويئرز رکن ٿيون جيڪي واهپيدارن جي واٽس ايپ جي نجي پيغامن کي چورائيندي سندن ڪيمرا استعمال ڪري سگھن ٿيون.
سيڪيورٽي ڪمپني موجب اهو نقصانڪار ايپس ڊائون لوڊ ٿيڻ کان پوءِ رموٽ ايڪسيس ٽروجن (آر اي ٽي) انسٽال ڪري سگھن ٿيون جيڪو واهپيدارن جي ذاتي ڄاڻ چوري ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو.
ڪمپني جي محققن نقصانڪار ڪوڊ رکندڙ اهڙين 12 ايپس جي نشاندهي ڪئي آهي جيڪي گوگل پلي اسٽور تي ڊائونلوڊ لاءِ موجود آهن ۽ انهن مان گھڻيون ميسيجنگ ايپس آهن. انهن ايپس ۾ پرائيوي ٽاڪ، ميٽ مي، ليٽس چيٽ، ڪوئڪ چيٽ، رفاقت چٽ چيٽ، يوهو ٽاڪ، ٽڪ ٽاڪ (tik talk)، هيلو چيٽ، نيڊوس، گلو چيٽ ۽ ويو چيٽ شامل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.