پ پ جو موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ سروس جي بندش خلاف عدالت وڃڻ جو اعلان

لاهور (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ سينيٽر شيري رحمان موبائيل سروس بحال ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.
شيري رحمان لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جو مطالبو آهي ته انٽرنيٽ موبائيل سروس بحال ڪئي وڃي، انٽرنيٽ سروس صبح جو 7 وڳي کان ئي بند ڪئي وئي.
سينيٽر شيري رحمان موجب اسان پنهنجي پٽيشن اليڪشن ڪميشن آفيس ۾ پيش ڪري ڇڏي آهي. ڪجهه علائقا حساس آهن، وڏا شهر حساس نه آهن.
پيپلز پارٽي جي اڳواڻ شيري رحمان چيو ته اسان انٽرنيٽ سروس بند ڪرڻ جي معاملي تي هاءِ ڪورٽ به وڃي رهيا آهيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.