موبائيل فون سروس بند، ووٽر جا تفصيل ٻڌائيندڙ ايس ايم ايس سروس به متاثر

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) سموري ملڪ ۾ عام چونڊن کان اڳ موبائيل فون سروس بند ٿيڻ سبب اليڪشن ڪميشن جو مانيٽرنگ سسٽم ۽ شڪايتن بابت قائم سيل به متاثر ٿيو آهي.
اڄ ملڪ ۾ ٿيندڙ عام چونڊن جي سلسلي ۾ پولنگ جو عمل جاري آهي جيڪو صبح اٺ وڳي کان بنا ڪنهن وقفي جي شام پنجين وڳي تائين جاري رهندو.
ملڪ جي مختلف شهرن ۾ پولنگ جو عمل دير سان شروع ٿيڻ جو شڪايتون سامهون آيون آهن، جڏهن ته گهرو وزارت جي درخواست تي پي ٽي اي سموري ملڪ ۾ موبائيل فون سروس عارضي طور تي معطل ڪري ڇڏي آهي.
موبائيل فون سروس معطل ٿيڻ سبب عوام کي پولنگ بابت ڄاڻ حاصل ڪرڻ واري ايس ايم ايس سروس 8300 به متاثر ٿي آهي، پولنگ ايجنٽس ۽ پولنگ عملو ڏکيائين منهن ڏئي رهيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.