آئون پنهنجو ووٽ زيان نه ڪنديس، اداڪارا مريم نفيس جو وڊيو بيان جاري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني اداڪارا مريم نفيس عام چونڊن بابت عوام لاءِ پنهنجو وڊيو پيغام جاري ڪري ڇڏيو.

اداڪارا مريم نفيس انسٽاگرام تي وڊيو شيئر ڪئي جنهن ۾ هوءَ عوام کي ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ بابت آگاهي ڏئي رهي آهي.

مريم نفيس چيو ته آئون سوچيو هو ته گھڻو ڪجهه چونديس پر آئون رڳو ايترو چونديس ته آئون پاڻ به اوهان مان هيس جنهن کي لڳندو هو ته ووٽ وجهڻ سان ڇا ٿيندو، حالتون ايتريون خراب ٿي ويون آهن، شيون ايتريون خراب ٿي ويون آهن، ايتري نااميدي آهي منهنجي ووٽ سان ڪو فرق نه پوندو.

هن چيو ته پر گذريل ڪجهه ڏينهن ۾ جيڪي شيون ٿيون انهن کي ڏسڻ کان پوءِ مون کي لڳي ٿو ته آئون پنهنجو ووٽ زيان نه ڪنديس.

اداڪارا چيو ته هي ملڪ لاوارث نه آهي، هي اسان جو ملڪ آهي، ۽ اها اسان جي ذميواري يه ته اسان ٻاهر نڪرون، ووٽ وجهون، اوهان جنهن پارٽي کي ۽ جنهن آزاد اميدوار کي سپورٽ ڪندا آهيو مهرباني ڪري ٻاهر نڪرو ۽ هڪ ڏينهن پاڪستان کي ڏيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.