متحده لنڊن جي انٽري: 55 اميدوار ميدان ۾ لٿل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ايم ڪيو ايم لنڊن قومي اسيمبلي جي 27 ۽ صوبائي اسيمبلي جي 53 سيٽن تي آزاد اميدوارن جو اعلان ڪيو.

ايم ڪيو ايم باني ۽ رابطا ڪاميٽي جي هدايت کانپوءِ سنڌ جي ٻين علائقن ۾ به آزاد اميدوارن کي ايم ڪيو ايم لنڊن جي حمايت حاصل هوندي. انهن اميدوارن کي مختلف نشان ڏنا ويا آهن.

ايم ڪيو ايم لنڊن سڄي ملڪ ۾ پنهنجي قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي آزاد اميدوارن جي نالن جو اعلان سومر تي ڪيو هو.

انهن اميدوارن ۾ شازيا، محسن نثار پنهور، آفتاب بقائي، محمد فاروق ۽ ٻيا شامل آهن.
ٻئي پاسي فاروق ستار جو چوڻ آهي ته ايم ڪيو ايم لنڊن جي اميدوارن سان ڪو فرق نه پوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.