پاڪستان ۾ ووٽرن جو ٽرن آئوٽ خطي جي ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ ڪيترو آهي؟

ملڪ ۾ سڀاڻي عام چونڊون ٿي رهيون آهن، جنهن جون تياريون مڪمل آهن.
ملڪ جي 855 قومي ۽ چئني صوبائي اسيمبلين جي تڪن ۾ ووٽر تاريخ جي سڀ کان وڌيڪ 17 هزار 816 اميدوارن مان پنهنجا نمائندا چونڊيندا، 882 عورتون ميدان ۾ آهن، جڏهن ته 4 کدڙا فقير به اليڪشن وڙهي رهيا آهن.
12 ڪروڙ 85 لک 85 هزار 760 ووٽر ووٽ جو حق استعمال ڪندا، 6 ڪروڙ 92 لک 63 هزار 704 مرد ۽ 5 ڪروڙ 93 لک 22 هزار 56 عورت ووٽرز عام چونڊن لاءِ رجسٽرڊ آهن.
ٽرن آئوٽ جي ڳالهه ڪجي ته ڏکڻ ايشيا ۾ سڀ کان گهٽ ووٽر گهران نڪرڻ ۾ پاڪستان ٻئي نمبر تي آهي.
ڏکڻ ايشيا ۾ سڀ کان گهٽ ٽرن آئوٽ افغانستان ۾ 35 کان 40 سيڪڙو آهي، جنهن کانپوءِ پاڪستان ۾ ٽرن آئوٽ 40 کان 50 سيڪڙو آهي.
سريلنڪا ۽ مالديپ ۾ تقريبن 78 سيڪڙو، نيپال ۾ 69 سيڪڙو، ڀارت ۽ ڀوٽان ۾ ووٽرن جو ٽرن آئوٽ تقريبن 66 سيڪڙو آهي.
وچ اوڀر جي پاڙيسري ملڪ ايران ۾ به ووٽرن جو ٽرن آئوٽ 60 سيڪڙو آهي، جيڪو پاڪستان کان وڌيڪ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.