سدائين صحتمند رکندڙ 10 بهترين عادتون

صحت اهڙي دولت آهي جنهن کانسواءِ ڊگھي زندگي بار محسوس ٿيندي آهي.

جڏهن ڳالهه سٺي صحت جي هجي ته ماڻهو مونجهاري جو شڪار ٿي ويندا آهن ايترين تائين جو ائين به لڳندو آهي ته ماهر به ڌار ڌار راءِ رکن ٿا.

پر سٺي صحت حاصل ڪرڻ لاءِ ڪجهه شيون اهڙيون آهن جن جي سائنس ٺوس انداز سان تصديق ڪئي آهي.

تنهنڪري اهڙيون ئي بهترين ٽِپس ڄاڻو جن کي اڄ کان اختيار ڪرڻ سان اوهان مختلف مرضن کان پاڻ کي پري رکي سگھو ٿا ۽ صحتمند رهي سگھو ٿا.

ننڊ کي ترجيح ڏيو

تصوير ڪريو ته اوهان فون کي 12 سيڪڙو بيٽري سان سڄو ڏينهن هلائڻ جي ڪوشش ڪريو ته ڇا ٿيندو؟ اهڙو ئي حال اسان جي جسم جو به ننڊ جي کوٽ سبب ٿيندو آهي.

جسم کي رڳو آرام ڪرڻ ۽ ري چارج ٿيڻ لاءِ ننڊ جي ضرورت ناهي هوندي پر پرسڪون ننڊ سان دماغ نيون شيون سکڻ ۽ يادداشت مضبوط بڻائڻ جهڙا فعل به سرانجام ڏيندو آهي.

گھڻو پنڌ ڪرڻ عادت بڻايو

پنڌ ڪرڻ سان جسم ۽ دماغ ٻنهي کي فائدو ٿيندو اهي ۽ اهو ئي سبب آهي جو روز پنڌ ڪرڻ کي عادت بڻائي ڇڏجي.

تحقيقي رپورٽن موجب پنڌ ڪرڻ سان مدافعتي نظام مضبوط ٿيندو آهي، سنڌن جي مرضن جو خطرو گھٽبو آهي جڏهن ته صحتمند جسماني وزن برقرار رکڻ به سولو هوندو آهي.

مطالعو ڪرڻ نه وساريو

دٻاءَ جو شڪار آهيو؟ ته ڪتاب پڙهڻ شروع ڪري ڇڏيو.

هڪ تحقيق مان خبر پئي آهي ته روز 30 منٽ پڙهڻ سان دٻاءُ ڪنٽرول ڪرڻ ۾ مدد ملندي آهي.

مطالعي جي عادت سان دماغ صحت کي به فائدو ٿيندو آهي.

هڪ ٻي تحقيق مان خبر پئي آهي ته مطالعي سان دماغي صحت کي ڊگھي مدي جي بنيادن تي فائدو ٿيندو آهي جڏهن ته عمر وڌڻ سان ٿيندڙ دماغي ڪمزوري سان وڙهڻ ۾ به مدد ملندي آهي.

گھر کان ٻاهر وقت گذاريو

جڏهن اوهان گھر کان ٻاهر ڪنهن ساوڪ واري هنڌ وقت گذاريندا آهيو ته ان سان دماغ فعل بهتر ٿيندا آهن، ڌيان ڏيڻ ۾ مدد ملندي آهي، دماغي مرضن جو خطرو گھٽبو آهي جڏهن ته سماجي ميل جول وڌندي آهي.

ميون ۽ ڀاڄين جو استعمال ڪريو

اها ته اوهان کي خبر هوندي ته صحت بخش غذائن جو استعمال صحت کي بهتر بڻائيندو آهي.

پر ڇا اوهان کي خبر آهي ته ميون ۽ ڀاڄين جي گھڻي استعمال سان بلڊ پريشر ۽ ڪولسٽرول جي سطح مستحڪم رکڻ ۾ مدد ملندي آهي ۽ مختلف دائمي مرضن جو خطرو گھٽبو آهي؟

ميون ۽ ڀاڄين ۾ وٽامنز، منرلز ۽ ٻين غذائي جُزن جو مقدار تمام گھڻو هجي ٿو جن جي اسان جي جسم کي فعلن لاءِ ضرورت پوي ٿي.

پاڻي جو مناسب استعمال

اسان جي جسم جو گھڻو پاڻي تي ٻڌل آهي، تنهنڪري روز مناسب مقدار ۾ پاڻي پيئڻ ضروري آهي.

پاڻي پيئڻ سان جسم زهريلو مواد خارج ڪندو آهي جڏهن ته سنڌن جي گھم برقرار رهندي آهي.

ان سان گڏوگڏ مناسب مقدار ۾ پاڻي پيئڻ سان بي وقتائتي بک ڪنٽرول ڪرڻ م به مدد ملندي آهي جنهن سان وزن ڪنٽرول ڪرڻ سولو ٿي ويندو آهي.

سگريٽ ڇڪڻ کان پاسو

تماڪ واپرائڻ کي صحت لاءِ هاڃيڪار قرار ڏنو ويندو آهي.

اِها عادت دل ۽ ڦڦڙن لاءِ تباهه ڪندڙ ثابت ٿيندي آهي جڏهن ته ٻين عضن کي به نقصان رسندو آهي.

جيڪڏهن اوهان ڊگھي ۽ صحتمند زندگي چاهيو ٿا ته اها عادت ڇڏي ڏيو.

پيارن سان گڏ وقت گذاريو

دوستن يا گھرڀاتين سان گڏ وقت گھارڻ سان زندگي ۾ خوشي جو احساس وڌندو آهي ۽ دماغي مرضن کان بچڻ ۾ مدد ملندي آهي.

فون جو گھٽ استعمال

يقينن موجودهه دور ۾ سمارٽ فون يا ٻيا ڊجيٽل ڊوائيس جو استعمال مڪمل طور تي ڇڏي ڏيڻ ممڪن ناهي پر ان جو استعمال محدود ڪرڻ فائديمند آهي.

سمارٽ فون جي گھٽ استعمال سان ننڊ جو معيار بهتر ٿيندو آهي، ڊپريشن ۽ انزائٽي جي علامتن جي شدت گھٽجي ويندي آهي جڏهن ته ڌيان ڏيڻ ۾ مدد ملندي آهي.

اسڪرين جي آڏو گھٽ وقت گذارڻ سان دٻاءَ کان بچڻ ۾ به مدد ملندي آهي.

جيڪڏهن فون کان پري رهڻ ڏکيو محسوس ٿيندو آهي ته پهرين سوشل ميڊيا ايپس جو استعمال گھٽائي ڇڏيو ۽ پوءِ فرق ڏسو.

نوان مشغلا اختيار ڪيو

ڪو نئون مشغلو اختيار ڪرڻ سان دٻاءَ کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ ۽ دماغي صحت کي بهتر بڻائڻ ۾ مدد ملندي آهي.

جيڪڏهن اوهان جسماني سرگرمي بابت مشغلا اختيار ڪندا آهيو ته ان سان به جسماني ۽ دماغي صحت کي فائدو ٿيندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.