پي ايس ايل ٽڪيٽن جي وڪرو کان اڳ هيڪرز جو ويب سائيٽ تي حملو

لاهور ( ويب ڊيسڪ) پاڪستان سپر ليگ ( پي ايس ايل ) جي نائين ايڊيشن جي ٽڪيٽن جي وڪرو کان اڳ ئي هيڪرز ويب سائيٽ تي حملو ڪري ڇڏيو
سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي پي ايس ايل انتظاميا طرفان انڪشاف ڪيو ويو آهي ته پي ايس ايل جي ٽڪيٽ پارٽنرز جي ٽيڪنيڪل ٽيم طرفان ويب سائيٽ تي سائبر حملي سبب پيدا ٿيندڙ پريشاني کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش جاري آهي.
ذريعن موجب، پي ايس ايل لاءِ آن لائين ٽڪيٽن جي وڪرو لاءِ دستياب ويب سائيٽ تي سائبر حملو ٿيو جنهن سبب ٽڪيٽن جي وڪرو وارو عمل شروع ناهي ٿي سگهيو.
واضح رهي ته پي ايس ايل 9 لاءِ آن لائين ٽڪيٽ بُڪنگ واري ويب سائيٽ تي ڪالهه شام پنج وڳي کان ٽڪيٽن جي بُڪنگ شروع ٿيڻي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.