دنيا جو سڀ کان ننڍو روبوٽ تيار

هانگ ڪانگ (ويب ڊيسڪ) هانگ ڪانگ جي انجينيئرز دنيا جو سڀ کان ننڍو روبوٽ تيار ڪري پاڪستان جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو.
رپورٽ موجب دنيا جو سڀ کان ننڍو روبوٽ ٺاهڻ جو اعزاز ان کان اڳ 2022ع ۾ پاڪستاني انجينيئر زين قريشي حاصل ڪيو هو.
۽ هاڻي هانگ ڪانگ جي 4 انجينيئرز ڪارنامو انجام ڏيندي دنيا جو سڀ کان ننڍو انسان جهڙو روبوٽ ٺاهي پاڪستاني انجينيئر کي پوئتي ڇڏي ڏنو.
ڊائيو ڪيسن بوائز اسڪول جي روبوٽڪس ٽيم جي چئن ميمبرز ايورون هو يٽ فنگ، اسيڪ زاچي، جسٽنگ وينگ ۽ گو بي لونگ گڏجي 5.55 انچن جو روبوٽ تيار ڪيو، اهو روبوٽ اڳ جي رڪارڊ ٺاهيندڙ روبوٽ کان 0.44 انچ ننڍو آهي.
واضح رهي ته گنيز ورلڊ رڪارڊ جي قائدن ۽ ضابطن ۾ چيو ويو آهي ته ان زمري لاءِ ضروري آهي ته روبوٽ ٻنهي ڄنگهن تي گھمي، ٻنهي ڪُلهن، کُڙين ۽ گوڏن کي حرڪت ڏيڻ جوڳو هجڻ گھرجي.
ان روبوٽ جي ايڪريلڪ پينلز ۽3 ڊي پرنٽ ٿيل جُزن کي اسڪول جي روبوٽڪس ليب ۾ ترتيب ڏنو ويو هو، جنهن جي تياري ۾ ڪافي وقت لڳو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.