ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ، پاڪ-ڀارت ٽاڪري جي ٽڪيٽن جي قيمت ڪيتري؟

دبئي (ويب ڊيسڪ ) آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ ڪجهه مهينا باقي بچيا آهن جڏهن ته ميگا ايونٽ جي سڀ کان وڏي ٽاڪري يعني پاڪ-ڀارت مقابلي جي ٽڪيٽن جي وڪرو جي حوالي سان اهم خبر سامهون آئي آهي.
فوربز جي رپورٽ موجب، آمريڪا ۽ ويسٽ انڊيز ۾ شيڊيول ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ ۾ روايتي مخالف پاڪستان ۽ ڀارت جو اهم مقابلو نوَ جون تي نيويارڪ ۾ ٿيندو.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سڀ کان وڏي ٽاڪري جي ٽڪيٽن جون قيمتون آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيون آهن.
انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل ( آءِ سي سي ) پهرين فيبروري تي اعلان ڪيو هو ته ايونٽ جي ٽڪيٽ بيلٽ پهريان اچو پهريان حاصل ڪيو جي نظام تي ٻڌل نه آهي، سمورن ڪرڪيٽ شوقينن کي برابري جي بنياد تي ڪرڪيٽ حاصل ڪرڻ جو موقعو ڏنو ويندو.
ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جون ٽيڪٽون tickets.t20worldcup.com نالي ويب سائيٽ تي دستياب آهن، جڏهن ته 22 فيبروري کان باقي بچيل ٽڪيٽون وڪرو لاءِ پيش ڪيون وينديون.
واضح رهي ته پاڪ-ڀارت مقابلي لاءِ گهٽ ۾ گهٽ ٽڪيٽ جي ماليت 175 آمريڪي ڊالر يعني ( 49 هزار پنج سئو رُپين کان وڌيڪ) جڏهن ته اسٽينڊرڊ پلس اسٽينڊ جي قيمت 3 سئو ڊالرز يعني ( چوراسي هزار کان وڌيڪ) هوندي، اهڙي ريت پريميم اسٽينڊ چار سئو ڊالرز يعني ( هڪ لک تيرنهن هزار ٻه سئو رپين کان وڌيڪ ) قيمت تي ٽڪيٽ وڪرو ٿيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.