ڪراچي جي 5342 مان رڳو 128 پولنگ اسٽيشنون نارمل قرار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ پولنگ اسٽيشنون قائم ڪرڻ لاءِ 2779 عمارتون حاصل ڪيون ويون آهن، انهن عمارتن ۾ مجموعي طور تي 5342 پولنگ اسٽيشنون ٺاهيون ويون آهن، 3038 پولنگ اسٽيشنون انتهائي حساس قرار ڏنيون ويون آهن.
سڄي ڪراچي ۾ رڳو 128 پولنگ اسٽيشنون نارمل آهن، جيڪي اوڀر ضلعي ۾ آهي.
ڪراچي جا ٻيا 6 ضلعا مڪمل طور حساس آهن، جن ۾ 3038 پولنگ اسٽيشنون انتهائي حساس آهن.
ڪراچي جو انتهائي حساس ضلعو اولهه آهي، جتان جون سڀ 676 پولنگ اسٽيشنون انتهائي حساس قرار ڏنيون ويون آهن.
ٻئي نمبر تي وچ ڪراچي جون 655 پولنگ اسٽيشنون حساس، جڏهن ته 600 انتهائي حساس قرار ڏنيون ويون آهن.
ڪورنگي ضلعو به انتهائي حساس آهي، جتي 170 پولنگ اسٽيشنون حساس ۽ 582 انتهائي حساس آهن.
ڪراچي اوڀر ۾ 471 پولنگ اسٽيشنون انتهائي حساس ۽ 311 حساس، جڏهن ته رڳو 128 نارمل آهن.
ڪياماڙي ضلعي جون 345 پولنگ اسٽيشنون حساس ۽ 251 انتهائي حساس، ملير جون 383 حساس، 179 انتهائي حساس قرار ڏنيون ويون آهن.
ڪراچي ڏکڻ جون 306 پولنگ اسٽيشون حساس ۽ 279 انتهائي حساس آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.