بي پي ايل: عامر جمال تباهي مچائي ڇڏي

ڍاڪا ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان جي اُڀرندڙ آل رائونڊر عامر جمال بنگلاديش پريميئر ليگ ۾ تباهي مچائي ڇڏي.
بنگلاديش پريميئر ليگ ۾ ڪوميلا وڪٽورينز جي نمائندگي ڪندي عامر جمال کلنا ٽائيگرز خلاف پنج وڪيٽون حاصل ڪري پنهنجي ٽيم جي فتح ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.
ڪوميلا وڪٽورينز ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ مقرر 20 اوورن ۾7 وڪيٽن جي نقصان تي 149 رنسون ٺاهي سگهي جنهن ۾ ڪپتان لٽن داس 45 رنسون ٺاهي ٽاپ اسڪورر رهيو.


ڪوميلا وڪٽورينز جي 150 رنسن جي حدف جي جواب ۾ کلنا ٽائيگرز جا بيٽر گهڻي دير وڪيٽ تي ٽڪي نه سگهيا ۽ وقفي وقفي سان وڪيٽون ڪِرنديون رهيون.
رڳو ٻارنهن بالن تي تيز 23 رنسون ٺاهيندڙ محمد وسيم جي مزاحمت به کلنا ٽائيگرز کي شڪست کان بچائي نه سگهي ۽ سموري ٽيم 115 رنسن تي ڍير ٿي وئي ۽ 34 رنسن تان ميچ هارائي وئي.
عامر جمال شاندار بالنگ جو مظاهرو ڪندي پنج وڪيٽون پنهنجي نالي ڪيون جنهن تي کيس پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.