هڪ کان وڌيڪ شادين تي پابندي جو بل منظور

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) يو سي سي بل يعني يونيفارم سول ڪوڊ بل اربع تي اتراڪنڊ اسيمبلي ۾ منظور ڪيو ويو.

ان بل تحت سڀني شهرين کي شادي، طلاق، وراثت ۽ ٻين معاملن ۾ هڪ ئي قانون تحت رهڻو پوندو.

مطلب ته ڪنهن به مذهب يا برادريءَ جا خاص قانون ختم ڪيا ويندا.

ان کان اڳ اتراڪنڊ ۾ مسلمانن کي انهن جي شرعي قانون تحت رهڻ جي اجازت هئي.

هن بل موجب هاڻي رڳو هڪ شادي جي اجازت هوندي ۽ ڪنهن به شخص کي هڪ کان وڌيڪ شاديون ڪرڻ تي سخت سزا ڏني ويندي.

يو سي سي بل جي مخالفن جو چوڻ آهي ته بل ملڪ ۾ مذهبي آزادي جي خلاف آهي. هي بل هندو ڪوڊ کانسواءِ ٻيو ڪجهه نه آهي ۽ اهو مسلمانن جي حقن تي اثرانداز ٿيندو.

يو سي سي بل جي حمايت ڪندڙن جو چوڻ آهي ته بل ملڪ ۾ اتحاد ۽ برابري کي هٿي ڏيندو. هي بل عورتن جي حقن جو تحفظ ڪندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.