نئين سوچ سان وزيراعظم بڻجڻ چاهيان ٿو: بلاول ڀٽو زرداري

لاڙڪاڻو (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته مان نئين سوچ سان وزيراعظم بڻجڻ چاهيان ٿو.
نجي ٽي وي چئنل سان خاص گفتگو ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته نواز شريف منهنجي مناظري ۽ ڀيٽ جي چئلينج کي قبول نه ڪيو، جنهن تي افسوس آهي، سڄي دنيا ۾ وزيراعظم ۽ صدر جا اميدوار ميڊيا سامهون پيش ٿيندا آهن، هڪٻئي کان سوال ڪندا آهن، منشور سامهون رکندا آهن.
هن چيو ته مان ملڪ کي شهباز شريف جيان نٿو هلائڻ چاهيان، اسان قوم جي مفاد ۾ شهباز شريف کي وزيراعظم بڻائڻ جو فيصلو ڪيو هو، آصف زرداري کي ڪرسي جو شوق هجي ها ته پاڻ وزيراعظم بڻجي وڃي ها.
سندس چوڻ هو ته اسان سچائي سان 16 مهينا عوام لاءِ ڪم ڪيو، پاڪستان جو وڃايل مقام واپس آڻڻ لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪئي، مان پرڏيهي وزير طور رات ڏينهن ڪم ڪيو پر هنن جي نيت ڪجهه ٻي هئي، معاشي بحران جي حل ۾ به دلچسپي نه هئي.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اهي چاهين ٿا نواز شريف چوٿون ڀيرو وزيراعظم بڻجي، سڀاڻي مقابلو تير ۽ شينهن جو آهي، 8 فيبروري جي ڏينهن ملڪ جي چاٻي عوام وٽ آهي، عوام ووٽ جو درست استعمال ڪري ته اسان شينهن جو رستو روڪينداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.