”هر ووٽ اهم آهي“ قومي ڪرڪيٽرز پاران عوام کي اليڪشن ۾ ڀرپور حصو وٺڻ جي اپيل

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سموري ملڪ ۾ سڀاڻي عام چونڊون ٿي رهيون آهن، سياسي پارٽين ۽ عام ماڻهن سميت ڪرڪيٽرز به چونڊن ۾ دلچسپي وٺي رهيا آهن.
قومي ڪرڪيٽرن نه رڳو پاڻ ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ لاءِ بي چين آهن پر هو سوشل ميڊيا تي قوم کي به ووٽ جو حق استعمال ڪرڻ جي صلاح جا مشورا ڏئي رهيا آهن.
پاڪستاني ٽي ٽوئنٽي ٽيم جو ڪپتان شاهين آفريدي ۽ فاسٽ بالر محمد عامر به اهڙن ڪرڪيٽرن ۾ شامل ٿي ويا آهن.


شاهين آفريدي سوشل ميڊيا تي بيان جاري ڪندي لکيو ته ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ رڳو اسان جو حق ناهي پر اِها اسان جي طاقت آهي، اوهان پاڪستان جي بهتري لاءِ پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪيو، پاڪستان زنده آباد.


فاسٽ بالر محمد عامر لکيو ته اوهان جو ڪنهن به پارٽي سان واسطو هجي پر اوهان جي ووٽ ۾ مستقل بدلائڻ جي سگهه آهي، پنهنجي ووٽ جو حق ضرور استعمال ڪيو، ڇو ته هر ووٽ جي اهميت آهي.
واضح رهي ته سموري ملڪ رٿيل عام چونڊن لاءِ ووٽنگ جو عمل سڀاڻي صبح اٺ وڳي کان شروع ٿيندو جيڪو بنا ڪنهن وقفي جي شام پنج وڳي تائين جاري رهندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.