ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اداڪار فرحان سعيد ۽ مايا علي سميت ٻين اداڪارن عوام کان 8 فيبروري (سڀاڻي) ٿيندڙ عام چونڊن ۾ ووٽ وجهڻ جي اپيل ڪئي آهي.
ناليوارا پاڪستاني اداڪار عوام جي حوصلا افزائي ۽ شعور جاڳائڻ لاءِ ووٽ وجهڻ جي اپيل ڪري رهيا آهن.
فرحان سعيد سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس (ٽوئيٽر) تي ووٽ وجهڻ جي اهميت تي زور ڏيندي لکيو ته پاڪستاني ٻاهر نڪرو ۽ ووٽ ڏيو.
هن وڌيڪ لکيو ته جيڪڏهن اوهان کي لڳي ٿو ته اوهان سان ظلم ٿي رهيو آهي، ووٽ ڏيو، جيڪڏهن اوهان پنهنجي ملڪ جي ترقي ڏسڻ چاهيو ٿا ته ووٽ ڏيو، جيڪڏهن اوهان صحيح شخص کي ملڪ جي قيادت ڪندي ڏسڻ چاهيو ٿا ته ووٽ ڏيو، پاڪستان لاءِ ووٽ ڏيو.
اداڪارا مايا علي به عوام کي اپيل ڪندي چيو ته پنهنجو ووٽ عقلمندي سان استعمال ڪريو.
هن چيو ته اهو ئي وقت آهي جو اوهان پنهنجو مستقبل وڃائڻ کان بچائي سگھو ٿا ۽ پنهجو حال بهتر بڻائي سگھو ٿا، پاڪستان بابت سوچو، انهن قربانين بابت سوچو جيڪي هيل تائين ڏنيون ويون آهن.
اداڪارا وڌيڪ چيو ته اسان جي ٻچن جي قسمت اسان جي هٿ ۾ آهي ۽ اسان کي تاريخ جي صحيح پاسي بيهڻو آهي، ملڪ جي بهتري لاءِ پنهنجو ليڊر چونڊينداسين.
اداڪار عدنان صديقي لکيو ته 8 فيبروري، اسان ۽ اسان جي قوم لاءِ اهم ڏينهن آهي.
هن زور ڏيندي چيو ته سڀاڻي پنهنجي ووٽ ڏيڻ جو حق استعمال ڪريو، تبديلي آڻڻ جي طاقت اسان جي هٿ ۾ آهي، ياد رکو جيڪڏهن اوهان هاڻي ووٽ نه ڏيندا ته اوهان بعد ۾ شڪايت ڪرڻ جو حق وڃائي ڇڏيندا.
اداڪارا ماورا حسين پنهنجن مداحن کي مخاطب ڪندي لکيو ته سڀاڻي 8 فيبروري تي ووٽ لازمي وجهڻو آهي، ملڪ جو شهري هجڻ جي ناطي اها اسان جي ذميواري آهي، جمهوريت کي برقرار رهڻ گھرجي ۽ اهو تڏهن ئي ٿي سگھي ٿو جڏهن اسان ووٽ ڏينداسين.
You might also like