ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر جو سنڌ جي تعليمي بورڊن ۾ مستقل چيئرمين بدران ڪمشنر لڳائڻ جو تجربو بُري طرح ناڪام ٿي ويو.
اڱاري تي عدالت لاڙڪاڻي تعليمي بورڊ ۾ لڳايل ڪمشنر کي به فارغ ڪري قائم مقام چيئرمين سڪندر مير علي جت کي بحال ڪري ڇڏيو، جڏهن ته نوابشاهه تعليمي بورڊ مان به ڪمشنر کي فارغ ڪري ڊاڪٽر فاروق حسن کي چيئرمين جي عهدي تي بحال ڪيو ويو آهي.
ان کان اڳ حيدرآباد تعليمي بورڊ ۽ سکر تعليمي بورڊ مان به ڪمشنرن کي فارغ ڪري قائم مقام ۽ ڊيپوٽيشن تي مقرر چيئرمين بحال ڪيا ويا آهن، جڏهن ته گذريل 12 سالن کان حيدرآباد ۾ او پي ايس تي مقرر قائم مقام ڪنٽرول مسرور احمد زئي ۽ ڊيپوٽيشن تي مقرر بورڊ جو سيڪريٽري شوڪت علي خانزادا، جيڪو ڪاليج ايجوڪيشن سان واسطو رکي ٿو، عدالت مان بحال ٿي چڪو آهي.
نگران حڪومت سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير ۽ اڳوڻي وزير اسماعيل راهو طرفان سفارشي بنيادن تي لڳايل آفيسرن کي هٽائڻ بابت ڪا تياري نه ڪئي ۽ انهن جي جاءِ تي سرچ ڪميٽي ذريعي ميرٽ تي مستقل آفيسرن بدران ڪمشنر لڳايا ويا.
اهو ئي حال بورڊز ۽ يونيورسٽين جي کاتي جو آهي، جتي مسواڙ جي عمارت ۾ بورڊز ۽ يونيورسٽين جي کاتي جي خوبصورت آفيس ٺاهڻ تي ڪروڙين رپيا خرچ ڪيا ويا پر عدالتي معاملن بابت ڪو وڏو آفيسر نه رکيو ويو.
You might also like