سکر: هڪ ٻيو اميدوار ناصر شاهه جي حق ۾ هٿ کڻي ويو، پ پ جي پوزيشن مضبوط

سکر ( ويب ڊيسڪ ) سياسي سماجي اڳواڻ شائستا کوسو پ پ اميدوارجي حق ۾ چونڊن تان هٿ کڻي ورتو.
تفصيل موجب، شائستا کوسو سيد ناصر حسين شاهه تي اعتماد جو اظهار ڪندي پي ايس 25 ۽ 24 تان هٿ کڻڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
ان ڏس ۾ شائستا کوسو جو چوڻ هو ته عوام جي بهتري لاءِ پ پ جي حق ۾ هٿ کڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
هن چيو ته سندن مقصد ۽ ترجيح عوام جي خدمت ڪرن آهي، اسٽيپ فائونڊيشن جي پوري ٽيم پ پ نمائندن جي سپورٽ ڪندي.
سندس چوڻ هو ته پهريان به عوامي مسئلن لاءِ خدمت ڪئي اڳتي به اِهو سلسلو جاري رهندو.
هن چيو ته چونڊن تا هٿ کڻڻ واري خبر تي مخالف پروپئگنڊا ڪري رهيا آهن.
پ پ اميداور سيد ناصر شاهه شائستا پاران سندس حق هٿ کڻڻ تي سندس ٿورا مڃيا.
هن چيو ته شائستا کوسو ۽ سندس ٽيم سياسي ۽ سماجي طور تي گهڻي متحرڪ آهي، سندس پ پ جي حق ۾ هٿ کڻڻ تي پارٽي جي پوزيشن وڌيڪ مضبوط ٿيندي.
ناصر شاهه چيو ته ٻيا ماڻهو هن وقت وڏيون وڏيون آڇون ڪري رهيا آهن پر شائسا کوسو غير مشروط حمايت جو فيصلو ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.