ڀارت ڊي آر ايس ٽيڪنالاجي سان ” ڳڙٻڙ“ ڪري ٿو؟ سوال اُٿڻ لڳا

وشاڪاپٽنم ( ويب ڊيسڪ ) انگلش ڪپتان بين اسٽوڪس ڊي آر ايس ٽيڪنالاجي تي وري سوال اُٿاري ڇڏيو.
انگلش ڪپتان بين اسٽوڪس ڀارت خلاف ٻي ٽيسٽ دوران زيڪ ڪرائولي کي ايل بي ڊبليو آئوٽ ڏيڻ واري فيصلي کي غلط قرار ڏئي ڇڏيو.
واضح رهي ته ڪُلديپ ياديو جي بال تي امپائر زيڪ ڪرائولي کي ناٽ آئوٽ قرار ڏنو پر ڀارت ريويو ورتو ته ٽيڪنالاجي کيس آئوٽ قرار ڏئي ڇڏيو.
ميچ کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي بين اسٽوڪس چيو ته سڀ چوندا آهن ته ٽيڪنالاجي سئو سيڪڙو درست نه آهي، منهنجي خيال ۾ زيڪ ڪرائولي کي ٽيڪنالاجي غلط آئوٽ قرار ڏنو.
ان کان اڳ به ڀارت تي ٽيڪنالاجي ۾ ڦيرڦار جا الزام ماضي ۾ به لڳندا رهيا آهن.
2011ع واري عالمي ڪپ جي سيمي فائنل ۾ پاڪستاني آف اسپنر سعيد اجمل جي بال تي سچن ٽنڊولڪر جي فيصلي سبب به تمام گهڻو گوڙ متو هو.
ان فيصلي تي ڪرڪيٽ تجزئي نگارن جو چوڻ هو ته ٽيڪنالاجي ذريعي سچن ٽنڊولڪر جي آئوٽ کي نائوٽ ۾ بدلايو ويو هو.
واضح رهي ته انگلينڊ کي وشاڪاپٽنم ۾ ڀارت خلاف ٻي ٽيسٽ ميچ ۾ شڪست جو منهن ڏسڻو جنهن کانپوءِ پيو سيريز 1-1 تان برابر آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.