اسرائيل، فلسطين ڇڪتاڻ، ميڪڊونلڊ جو وڪرو متاثر

آمريڪي فاسٽ فوڊ ڪمپني ميڪڊونلڊز انڊيا ۽ پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ پنهنجي ساک وڃائي رهي آهي. ان جو وڏو سبب ڪمپني پاران ظاهري طور تي اسرائيل جي حمايت ڪرڻ آهي. جنهن جي ڪري واهپيدار پاران ان جو بائيڪاٽ ڪيو ويو آهي.
عالمي سطح تي مشهور فاسٽ فوڊ چين پنهنجي عالمي ڪاروباري ڊويزن ۾ گھٽ ڪاروبار جي ڪري تقريبن چئن سالن ۾ پنهنجي پهرين ٽي ماهي جي وڪري ۾ گھٽتائي جو اطلاع ڏنو.
ڪمپني جي مالڪ اسرائيل غزا تڪرار جي اثرن کي تسليم ڪندي ڪمپني بابت غلط ڄاڻ ڏيڻ جو الزام لڳايو آهي.
وڪري ۾ گھٽتائي جي اعلان کان پوءِ ميڪڊونلڊز جي شيئرز ۾ تقريبن چار سيڪڙو گھٽتائي ٿي آهي.
ميڪڊونلڊز، اسٽابڪس ۽ ڪوڪا ڪولا سوڌو مختلف اولهه ڪمپنين مان هڪ آهي جن جي خلاف اسرائيل مخالف مهم هلائيندڙن پاران بائيڪاٽ جي اپيل ڪئي وئي آهي ۽ احتجاج ڏٺو ويو آهي.
ميڪڊونلڊز چيو اهي ته اسرائيل غزا تڪرار 2023ع جي چوٿين ٽي ماهي ۾ ڪجهه پرڏيهي منڊين جي ڪارڪردگي کي متاثر ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.