”3 ڀيرا ساڳي فلم ڏسي چڪا آهيون، پراڻا سياستدان آيا ته ڌرڻي جي سياست شروع ٿي ويندي“

لاڙڪاڻو (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي پراڻي سياستدان جي حڪومت ٺهي ته پوءِ ڌرڻي جي سياست شروع ٿي ويندي، نقصان ملڪ ۽ جمهوريت جو ٿيندو.
لاڙڪاڻي ۾ چونڊ جلسي کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پراڻا سياستدان اڄ تائين سياست ۾ آهن، پراڻن سياستدانن نفرت ۽ ورهاست کانسواءِ ڪجهه نه ڏنو، انهن ماڻهن سياست کي گار بڻائي ڇڏيو آهي، سڄو ملڪ مايوس آهي ته اسان جي اها قسمت آ جو انهن جا مُنهن ڏسڻا آهن، پراڻن سياستدانن پنهنجي ضد ۽ انا سبب معيشت، ملڪ ۽ جمهوريت کي نقصان پهچايو.
هن چيو ته هڪ شخص چوٿون ڀيرو وزيراعظم بڻجڻ چاهي ٿو، اهي پاڪستاني عوام کي بي وقوف بڻائڻ چاهين ٿا، عوام انهن کي ۽ انهن جي طريقي ڪار کي ڄاڻي ٿو، جيڪڏهن انهن مان ڪو کٽي ويو ته پوءِ ڌرڻي جي سياست شروع ٿي ويندي، اهي ماڻهو کٽي ويا ته پوءِ عوام جا مسئلا حل ڪرڻ بدران سياسي مخالفن کي پڪڙيندا، نقصان ملڪ جو ٿيندو.
سندس چوڻ هو ته اسان اها فلم ٽي ڀيرا ڏسي چڪا آهيون، هاڻ اهو شخص چوٿون ڀيرو پاڻ کي مڙهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، اهو شخص تاثر ڏئي رهيو آهي ته هاڻ کي وزيراعظم بڻجي ويو آهي، اهو شينهن عوام جو رت چوسيندو آهي، پ پ اميرن جي ترقي نه عوام جي ترقي جي ڳالهه ڪندي آهي.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته مان سڄي ملڪ ۾ چونڊ مهم هلائي، اڄ پنهنجي گهر واپس آيو آهيان، جڏهن لاڙڪاڻو وزيراعظم بڻائيندو آهي ته ملڪ ترقي ڪندو آهي، پاڪستان سڄي ملڪ امت جي قيادت ڪندو آهي، لاڙڪاڻو وزيراعظم بڻائيندو آهي ته پاڪستان ايٽمي طاقت بڻجي ويندو آهي، وڏي عرصي کان لاڙڪاڻي جو وزيراعظم ناهي ڏٺو، اسان سان وفاداري نڀائڻ تي لاڙڪاڻي جي عوام جو ٿورائتو آهيان.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.