سنڌ ۾ 19 هزار پولنگ اسٽيشنز مان 6 هزار 550 حساس، 6 هزار 801 انتهائي حساس قرار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) عام چونڊن ۾ سنڌ جي 19 هزار 8 پولنگ اسٽيشنز مان 6 هزار 550 پولنگ اسٽيشنون حساس ۽ 6 هزار 801 انتهائي حساس قرار ڏنيون ويون آهن.
نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر جي صدارت هيٺ 30هين صوبائي ايپڪس ڪميٽي جو اجلاس وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيو، جنهن ۾ چونڊ انتظامن ۽ نيشنل ايڪشن پلان جو جائزو ورتو ويو.
اجلاس ۾ صوبائي وزيرن، ڪور ڪمانڊر، چيف سيڪريٽري، ڊي جي رينجرز، آءِ جي پوليس، ايڊووڪيٽ جنرل، گهرو سيڪريٽري ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
وڏي وزير چونڊن جي انتظامن جو جائزو ورتو، ڪميٽي کي ٻڌايو ويو ته ڪُل 19 هزار 8 پولنگ اسٽيشنون هونديون، جن ۾ 5 هزار 657 نارمل، 6 هزار 550 حساس ۽ 6 هزار 801 انتهائي حساس آهن.
آءِ جي پوليس رفعت مختار پوليس جي مقرري بابت ٻڌايو ته عام پولنگ اسٽيشن تي 4 پوليس اهلڪار، حساس پولنگ اسٽيشن تي 5 ۽ انتهائي حساس پولنگ اسٽيشن تي 7 پوليس اهلڪار مقرر ڪيا ويندا.
پولنگ اسٽيشنز تي ڪُل 143156 پوليس اهلڪار مقرر ڪيا ويندا، جن ۾ عام پولنگ اسٽيشنن تي 95400، ڪيو آر ايف پوليس جا 10648 ۽ مددگار فورس جا 37108 اهلڪار شامل آهن.
پوليس فورس کانسواءِ چونڊيل انتهائي حساس پولنگ اسٽيشنز تي ڪيو آر ايف ڊيوٽين لاءِ رينجرز ۽ فوج مقرر ڪئي ويندي.
ڪور ڪمانڊر ڪراچي ليفٽيننٽ جنرل بابر افتخار وڏي وزير کي ٻڌايو ته عام چونڊن دوران ٿرڊ ٽيئر فوج جا دستا سڄي صوبي ۾ موڪليا ويا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.