انگلينڊ جي ٽيم ٻي ٽيسٽ هارائڻ کانپوءِ ڀارت ڇڏي ڏنو!

وشاڪاپٽنم ( ويب ڊيسڪ ) انگلش ڪرڪيٽ ٽيم ٻي ٽيسٽ ميچ هارائڻ کانپوءِ ڀارت مان رواني ٿي وئي آهي جنهن ڪارڻ سامهون اچي ويو آهي.
وشاڪاپٽنم ۾ ٻي ٽيسٽ ميچ هارائڻ کانپوءِ انگلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم ڀارت ڇڏي ابوظهبي وڃڻ جو فيصلو ڪيو.
راجڪوٽ ۾ ٽين ٽيسٽ ميچ شروع ٿيڻ ۾ نوَ ڏينهن باقي آهن انڪري بين اسٽوڪس جي ٽيم ان وقفي دوران آرام ڪرڻ جو سوچيو آهي.
انگلش ڪرڪيٽرز پندرنهن فيبروري تي راجڪوٽ ۾ شيڊيول ٽين ٽيسٽ ميچ کان اڳ ابوظهبي ۾ گولف کيڏڻ سميت ٻين تفريحي سرگرمين ۾ حصو وٺندا.
ان ڏس ۾ ٽيم مئنيجيمينٽ جو چوڻ آهي ته وقفي سان انگلينڊ جا رانديگر تازو توانو ٿي ويندا ۽ 2012ع ۾ جهڙي طرح ايلسٽر ڪڪ جي ٽيم ڀارت کي شڪست ڏني هئي اهڙي ڪارڪردگي ورجائڻ جي ڪوشش ڪندا.
انگلينڊ ڀارت خلاف ٽيسٽ سيريز جي تياري ۽ پريڪٽس لاءِ ننڍي کنڊ جلد اچڻ بدران ابوظهبي ۾ ڪنڊيشنگ ڪئمپ کي ترجيح ڏني هئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.