پي سي بي چيئرمين ٿيندي ئي محسن نقوي جو دبنگ بيان

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ( پي سي بي ) جي نئين چيئرمين محسن نقوي چيو آهي ته پاڪستان ڪرڪيٽ ۾ سفارشي ڪلچر نه هلندو.
پي سي بي هيڊ ڪوارٽر پهچڻ تي محسن نقوي، سي ايِ او سلمان نصير ۽ پنجاب جي راندين بابت نگران وزير وهاب رياض سان ملاقات ڪئي، ملاقات دوران ملڪي ڪرڪيٽ جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
قومي ٽيم جي چيف سليڪٽر وهاب رياض پي سي بي چيئرمين کي ٽيم جي مصروفيتن بابت بريفنگ ڏني.
ان موقعي گفتگو ڪندي پي سي بي چيئرمين محسن نقوي چيو ته پاڪستان ڪرڪيٽ کي بهتر بڻائڻ پهريون حدف آهي.
هن چيو ته پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڳڻتي آهي، معاملا درست انداز ۾ هلائڻا پوندا.
سندس چوڻ هوته ٽيم جي بهتري لاءِ پرڏيهي ڪوچنگ اسٽاف آڻڻو پيو ته آڻينداسين، جڏهن ٽيم سفارشي ڪلچر نه هلندو.
واضح رهي ته پنجاب جو نگران وڏي وزير محسن نقوي بنا مقابلي پي سي بي چيئرمين چونڊيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.