سٺي خبر اچي وئي، پاڪستان جي ڏيوالي جو خطرو ختم ٿيڻ جي دعويٰ

آمريڪي رسالي بلوم برگ پاڪستان جي معاشي صورتحال تي تبصري ۾ چيو آهي ته پاڪستان جي ڏيوالي جو خطرو ختم ٿي ويو، سيڙپاڪر عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) سان فنڊنگ معاهدي لاءِ نئين ليڊر جو انتظار ڪري رهيا آهن.
آمريڪي رسالي موجب پاڪستان جو آءِ ايم ايف پروگرام مارچ ۾ ختم ٿي رهيو آهي، جنوري ۾ ڊالر بانڊز 9 سيڪڙو واپس آيا، گذريل سال پاڪستان سيڙپڪارن کي تقريبن 100 سيڪڙو منافعو واپس ڪيو، بهتر ڪارڪردگي پاڪستان کي فائدو پهچائي سگھي ٿي.
آمريڪي رسالي چيو ته سيڙپڪار آءِ ايم ايف سان فنڊنگ جي معادي لاءِ نئين ليڊر جو انتظار ڪري رهيا آهن، اليڪشن کان پوءِ نئين حڪومت آءِ ايم ايف معاهدو ختم ٿيڻ کان پوءِ نئون معاهدو ڪري سگھي ٿي.
آمريڪي رسالي وڌيڪ چيو ته ايندڙ مالي سال دوران پاڪستان کي 25 ارب ڊالر پرڏيهي قرض ادا ڪرڻو آهي، اهو پاڪستان جي پرڏيهي ناڻي جي مٽاسٽا جي ذخيرن کان تقريبن 3 ڀيرا وڌيڪ آهي، ايندڙ مالي سال دوران ادائيگين جو اثر ناڻي جي مٽاسٽا جي ذخيرن تي پوندو.
آمريڪي رسالي موجب پاڪستان جي ڏيوالي جو خطرو ختم ٿي ويو آهي، سروي موجب پاڪستان جي معيشت نئين بيل آئوٽ پيڪيج کانسواءِ ڪِري پوندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.