انٽر بئنڪ ۾ ڊالر جي اگهه ۾ واڌ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) انٽر بئنڪ ۾ رپئي جي ڀيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي اگهه ۾ معمولي واڌ رڪارڊ ڪئي وئي.
ڪاروباري هفتي جي پهرئين ڏينهن انٽر بئنڪ ۾ آمريڪي ڪرنسي جي قدر ۾ هڪ پئسو واڌ رڪارڊ ڪئي وئي، جنهن سبب انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 279 رپين 42 پئسن تي بند ٿيو.
واضح رهي ته گذريل ڪاروباري هفتي جي آخري ڏينهن ڊالر 7 پئسا سستو ٿي 279 رپين 41 پئسن تي بند ٿيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.